صنم ڀٽو

صنم ڀٽو

ڀٽو صنم

ڀٽو، صنم: شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ننڍي نياڻي ۽ محترمه شهيد بينظير جي ننڍي ڀيڻ، صنم ڀٽو 1957 ڌاري جنم ورتو. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي، سندس شادي ناصر حسين سان ٿي هئي. پر هن وقت سندن علحدگي ٿي چڪي آهي. صنم ڀٽو گهڻي عرصي کان پرڏيهه ۾ رهي ٿي.
ڊسمبر 2007ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو المناڪ واقعو پيش آيو ته صنم ڀٽو پنهنجي ڀيڻ جي آخري ديدار لاءِ سنڌ آئي. هوءَ هن وقت شهيد ڀٽو خاندان جي واحد چشم و چراغ آهي، جيڪا زنده حيات آهي. کانئس هڪ انٽرويو ۾ سياست ۾ اچڻ بابت پڇيو ويو ته هن وراڻيو ته سندس سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. هن وقت صنم ڀٽو پنهنجي فرزند ’شهمير حسن‘ ۽ نياڻي ’آزادي‘ سان گڏ لنڊن ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو